ڊي گلوبلائزيشن

ڊي گلوبلائزيشن (Deglobalization): عالمگيريت يا ڀون واد جي ابتڙ استعمال ٿيندڙ هيءُ اصطلاح دنيا جي مختلف رياستن يا عنصرن جي هڪٻئي سان واسطي داريءَ يا سهائتا ۾ کوٽ جي نشاندهي ڪري ٿو. جيئن ته عالمگيريت جو عمل معيشت، واپار، ٽيڪنالاجي، سياست، ثقافت ۽ سماجيات سميت مختلف رخن ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي سهڪار کي سگهارو ڪري ٿي. ان جي ابتڙ عدم عالمگيريت گهڻي قدر بين الاقوامي معيشت جي ميدان ۾ ٿيندڙ عدم تعاون تائين محدود آهي. ان سلسلي ۾ 1850ع کان 1914ع ۽ 1950ع کان 2007ع وارن مدن کي نشابر ڪري ٻڌايو وڃي ٿو ته انهن مدن دوران ’ڀونءَ واگ‘ عالمي صورتحال ۾ اهم صورت ته اختيار ڪري ورتي، پر انهن مدن دوران به جڏهن جڏهن قومن وچ ۾ واسطيداري جهڪي ٿي ته ’عدم عالمگيريت‘ واضح ٿي بيٺي. عام طرح هن اصطلاح کي عالمي واپار دوران وکرن ۽ خدمتن يا درآمد برآمد کي مجموعي قومي آمدنيءَ سان ڀيٽيندي، حاصل ٿيل نقصانڪار اکرن ذريعي يا پورهيتن جي ٻين ملڪن ڏانهن ٿيندڙ هجرت جي انگ ۽ قومي آمدنيءَ جي تناظر ۾ ملڪ يا ان کان ٻاهر ٿيندڙ سڌي سئين سيڙپڪاري ۽ سراسري محصولن وغيره جي منفي ڪاٿي ذريعي جاچيو ويندو آهي. اڪثر ماهرن عدم عالمگيريت جي عمل کي منففي ڄاڻائيندي ٻڌايو آهي ته ان سان عالمي ويجهڙائين ۽ واسطيدارن ۾ گهٽتائي اچي ٿي. معيشيت ۾ بحران جنم وٺن ٿا. بين الاقوامي تڪرارن ۾ اضافو ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو